سنڌ انٽليڪچوئل فورم

سنڌ انٽليڪچوئل فورم: ’سنڌ انٽليڪچوئل فورم‘ 1986ع ۾ ڪجهه ادب ۽ سماج دوست فردن گڏجي قائم ڪيو، جنهن جو پهريون ۽ باني چيئرمين سنڌ جو برک دانشور ۽ اديب مرحوم رشيد ڀٽي هو.
ان کانپوءِ فورم جي چيئرمئن شپ سنڌ جي هڪ ٻئي بزرگ اديب جمال ابڙي صاحب وٽ رهي. هن فورم پنهنجي شروعاتي قابل ذڪر ڪمن ۾ ادبي، سماجي ۽ فڪري معاملن تي سيمينار ۽ بحث مباحثا منعقد ڪرايا ويا. ڪيتري وقت تائين هن فورم، سياسي مسئلن کي اٿارڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪجهه وقت لاءِ هي فورم غير سرگرم ٿي ويو ۽ ان کي سال 2000ع ۾ وري نئين ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ ذريعي فعال ڪيو ويو.
هن فورم کي فعال ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته جنهن جاءِ تي اسان جو سماج ۽ معاشرو بيٺل آهي، ترقي ۽ تعمير ڏانهن وک وڌائڻ خاطر، نئين صديءَ جي گهرجن کي تمام ٿورڙي حد تائين به پوري ڪرڻ لاءِ اهڙي فورم جي سخت ضرورت آهي، جيڪو سماج ۽ معاشري ۾ نون ۽ صحتمند لاڙن کي پيدا ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري، منفي لاڙن جي حوصلا شڪني ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي ۽ قوم ۽ سماج جي سڀني حصن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جي صلاحيت رکي. اها ئي سوچ سامهون رکندي، ’سنڌ انٽليڪچوئل فورم‘ کي نئين سر منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته جنهن قوم ۾ به سجاڳيءَ ۽ ترقيءَ جو انقلاب آيو آهي، ان ۾ هڪ مخصوص ننڍڙي پر ذهني طور سجاڳ ۽ متحرڪ حصي بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اهو قوم جو متحرڪ حصو هميشه مڊل ڪلاس منجهان اڀريو آهي، يعني دنيا جي تاريخ ۾ قومن جي ذهني اڳواڻي گهڻي ڀاڱي مڊل ڪلاس ڪئي آهي. سنڌ جي پسمنظر ۾ ان ئي مقصد سان هن فورم کي وري فعال ڪيو ويو.
سنڌ انٽيليڪچوئل فورم جا مول، متا ۽ مقصد هن ريت هئا.
• سنڌ جي قومي مفادن جو تحفظ ڪرڻ.
• هر قسم جي سنڌ دشمن سازشن جو مقابلو ڪرڻ.
• سنڌ جي سياسي قيادت ۾ ويجهڙائي ۽ سهمتي پيدا ڪرڻ.
• سنڌ کان ٻاهر سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻ.
• فورم طرفان تعليم، صحت، زراعت، معدنيات، واپار، روزگار، ادب، ٻولي، تاريخ، پاڻي، ماحوليات ۽ ٻين اهم معاملن بابت تحقيق ڪري، جامع پاليسيون جوڙڻ ۽ انهن بابت عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ.
• سنڌ ۽ دنيا جي عظيم انسانن، واقعن ۽ انقلابن کان سنڌي قوم کي واقف ڪرائڻ لاءِ سندن زندگين، حاصلات ۽ حيثيت بيان ڪرڻ ۽ ان ڏس ۾ يادگار پروگرام منعقد ڪرائڻ.
• سنڌي سماج ۾ گهر ڪري ويل ناڪاره ۽ منفي رجحانن جي خاتمي لاءِ جاکوڙڻ ۽ سنڌي قوم جي درد رکندڙ سڄاڻ ماڻهن کي سنڌ جي سماج جي مسئلن تي سوچ ۽ عمل جي دعوت ڏيڻ ۽ کين هڪ جمهوري سيڪيولر ۽ وطن دوست ترقي پسند پليٽفارم مهيا ڪرڻ.
• سنڌين ۾ نوان خيال، جديد لاڙا ۽ سائنسي طريقا متعارف ڪرائڻ.
• سنڌ جي تعليمي ادارن اندر موجود سمورين خرابين جي خاتمي ۽ تعليم جي واڌ ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪرڻ.


هن صفحي کي شيئر ڪريو